اداڪارا زباب پاران ٺٽي جي ٻارڙن سان فٽبال کيڏي خوشي جو اظهار

 

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا زباب رانا جي ٺٽي ۾ ٻارن سان فٽبال کيڏڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا زباب رانا سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ موجود آهي. زباب رانا طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ هو ٻهراڙي جي ٻارن سان فٽبال کيڏندي نظر اچي رهي آهي ۽ اداڪارا سان ٻار به خوش نظر اچي رهيا آهن. اداڪارا پنهنجي وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته “منهنجون ننڍيون ننڍيون خوشيون” هن وڊيو کانسواءِ زباب رانا انسٽاگرام تي 2 تصويرون به شيئر ڪيون جن ۾ هو ڳوٺ جي ٻارن سان گڏ آهي ۽ اداڪارا هنج ۾ هڪ ڇيلو کڻي بيٺل آهي. زباب رانا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪالهه مون کي هتي اچي احساس ٿيو ته زندگي ڪيتري خوبصورت آهي ۽ اسان کي پنهنجي رب جو ڪيترو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *