اداڪارا جينيفر لوپيز ڏيڍ لک روپين جا جوراب پائڻ لڳي

 

نيويارڪ(شوبز نيوز) دنيا جي مشهور ترين ڳائڻي ۽ اداڪارا جينيفر لوپيز کي ڪير نه ٿو سڃاڻي، جينيفر لوپيز کي گانن سان گڏوگڏ اداڪاري مان شهرت ملي جڏهن ته اها پنهنجي بهترن لباس سان به دنيا کي حيران ڪندي رهندي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ ئي جينيفر لوپيز ڪپڙن جي مشهور ترين ڪمپني گوچي جا جوراب پاتا آهن، انهن جورابن جي خاص ڳالهه اها آهي ته انهن جي قيمت پاڪستاني روپين ۾ 146000 روپين کان وڌيڪ ٺهي ٿي.انهن جورابن جي قيمت وڌيڪ هجڻ جو سبب اهو آهي ته ان جوراب ۾ هيرا لڳل آهن، جينيفر لوپيز پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو ته اڄ مون نوان جوراب پاتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *