اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز اجي ديوگن 45 هين سالگره ملهائي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پهرين صف جي اداڪارن ۾ شامل اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز اجي ديوگن ڪالهه 45 هين سالگره ملهائي. 2 اپريل 1969ع تي ڀارتي گاديءَ واري هنڌ نئين دهليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ اجي ديوگن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1991ع کان فلم ”ڦول اور ڪانٽي“ سان ڪئي، جنهن کان پوءِ اجي ديوگن ”جگر، دل والي، ناجائز، دل جلي، زخم، ليجنڊ آف ڀڳت سنگھه، رين ڪوٽ، يُوا، لَجا، گنگا جل، اومڪارا، ڪمپني، گولمال سيريز، ونس اپان اي ٽائم ان ممبئي، راج نيتي، سنگھم سيريز، بول بچن ۽ سن آف سردار“ جھڙيون ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪندي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا آهن. فلمي دنيا ۾ تمام گھڻو نالو ڪمائيندڙ اجي ديوگن 1999ع ۾ بالي ووڊ جي پهرين صف ۾ ڳڻجندڙ اداڪارا ڪاجول سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هن وقت ٻه ٻارڙا به آهن، اداڪار اجي ديوگن پنهنجي گھر وارن ۽ فلمي دنيا جي ڪجھه دوستن سان ملي 45 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *