ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿيو، پرڏيهي توڙي ملڪي مافيا کي مايوسي ٿي آهيۡ: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ)  اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ادارن ۾ مثالي هم آهنگي آهي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿي، ڪا به طاقت پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اسلام آباد ۾ آفريڪي ملڪن لاءِ پاڪستان جي سفيرن جي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ملڪ ۾ ميرٽ کي هٿي ڏني آهي، ماضي ۾ ميرٽ بدران سياسي بنيادن تي ماڻهن جون مقرريون ڪيون ويون، اسان بيورو ڪريسي ۾ ترقيون به ميرٽ تي ڏنيون ۽ مقرريون به ميرٽ تي ڪيون آهن، هر اداري ۾ ماڻهن کي ميرٽ تي لڳائينداسين، ڇو ته جنهن ملڪ ۾ ميرٽ هجي، اهو ئي اڳتي وڌندو آهي، چين ۾ ميرٽ جي نظام ذريعي ماڻهو مٿي ويندا آهن. هن چيو ته 1960 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي بيورو ڪريسي ميرٽ جي بنياد تي ڪم ڪري رهي هئي، راندين ۾ به اها ئي ٽيم اڳتي ويندي آهي، جيڪا ميرٽ تي چونڊي ويندي آهي، جمهوريت جي خوبي ئي اها آهي ته ان ۾ ميرٽ جي بنياد تي ماڻهن کي آندو ويندو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ بادشاهت ۾ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نظام هلندو آهي. سندس چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن، ڪرنسي ڪرڻ سان هر شئي مهانگي ٿي ويندي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ سان ملڪ غريب ٿي ويندا آهن، ڇو ته سيڙپڪار ناهي ايندو، اسان لاءِ اسان جي ايڪسپورٽ ۽ ناڻي جي پهچ جي وڏي اهميت آهي، اهي اسان جي معيشت سان جڙيل آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جو اسان جي معيشت ۾ وڏو حصو آهي، تنهن ڪري اسان جي سفارتڪاري ۾ ان جي وڏي اهميت آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ آفريڪا کي نظرانداز ڪيو ويو، قومون وڏي سوچ سان اڳتي وڌنديون آهن، 60 جي ڏهاڪي ۾ اسان جي اندر پاڻ اعتمادي هئي ۽ اسان جي بيورو ڪريسي جو مقابلو دنيا ۾ ڪنهن به ڪري سگهجي پيو، پاڪستان هر ميدان ۾ ترقي ڪري رهيو هو، دنيا ۾ اسان جي بيورو ڪريٽن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو ويندو هو، آهستي آهستي اهو اعتماد ختم ٿيندو ويو، هاڻ ان کي واپس حاصل ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي مقام کي سمجهڻو آهي. وزيراعظم موجب جڏهن مان نيلسن منڊيلا سان مليس ته هن پاڪستان جي وڏي تعريف ڪئي، هو قائداعظم کان گهڻو متاثر هو، اسان پنهنجي حيثيت پاڻ وڃائي آهي، مالڪ سائين پاڪستان کي اهم جاگرافيائي حيثيت ڏني ۽ وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، هاڻ پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي. هن آفريڪا تي ڌيان جي ضروت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪي جو مثال اسان جي سامهون آهي، ترڪي به آفريڪا ۾ ويو آهي، اسان کي پنهنجي ڪوشش ڪرڻي آهي، اسان جي سفارتڪارن ۾ وڏي صلاحيت آهي، اهي پاڻ کي مشن تي سمجهن ۽ پاڪستان لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپار جا موقعا کڻي اچن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جيڪا هاڻوڪي پرڏيهي پاليسي آهي، اها گهڻو اڳ هجڻ گهرجي ها، پاڪستان کي ڪنهن لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي ها ۽ اسان کي آزاد پرڏيهي پاليسي تي هلڻ گهرجي ها پر اسان امداد لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ٽپو ڏئي وڏو نقصان برداشت ڪيو، هاڻ سڀني سان لاڳاپا بهتر ڪرڻا آهن، اسان هاڻ ڌر بڻجڻ بدران ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪنداسين، ماضي ۾ ڊور مور لاءِ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو، هاڻ سڌي ڳالهه آ واعدو نٿا ڪيون جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ماضي ۾ اهڙا واعدا ڪياسين، جيڪي اسان پورا نه ڪري سگهياسين. هن وڌيڪ چيو ته ڌرڻي سبب ڪشمير مسئلو پٺ تي پئجي ويو، ڪشمير جو معاملو ان کان اڳ ڪڏهن به اهڙي طريقي سان نه اجاڳر ٿيو، جيئن اسان ان کي اٿاريو، ڀارت ۾ خوشيون ملهايون ويون ۽ عدم استحڪام ۽ ادارن ۾ ويڙهه جي خواهش رکي وئي، پاڪستان جا مضبوط ادارا ڀارت کي کٽڪن ٿا، ڀارت جي نسل پرست جماعت بي جي پي ۽ ملڪي دولت لٽي ٻاهر رکندڙن کي وڏي مايوسي ٿي، جن کي عدم استحڪام جي اميد هئي. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، ادارا هڪٻئي جي عزت ڪن ٿا، پاڻ ۾ نه وڙهندا، آزاد عدليا لاءِ اسان جدوجهد ڪئي، 2007 ۾ آزاد عدليا جي تحريڪ دوران مون کي جيل موڪليو ويو، جنهن تي فخر آهي، اسان عدليا سميت سڀني ادارن کي مضبوط ڪنداسين، ادارن ۾ هم آهنگي مثالي آهي، پاڪستان ڏکئي وقت مان نڪري تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ڪا به طاقت پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي.

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سُپريم ڪورٽ جو فيصلو پرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا لاءِ مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ مشروط واڌ وارو سُپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اُنهن ماڻهن لاءِ مايوس ڪندڙ آهي، جيڪي ادارن ۾ ٽڪراءُ جي صورت ۾ ملڪ اندر عدم استحڪام جي خواهش ڪري رهيا هئا. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿيو ۽ پرڏيهي دشمنن توڙي ملڪي مافيا کي مايوسي ٿي آهي. اُها مافيا ملڪي ناڻو لُٽي پرڏيهي موڪليو ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري لٽيل ناڻي کي تحفظ ڏيڻ گهري ٿي. وزيراعظم ٽوئيٽ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اها سندن ئي جماعت (پي ٽي آءِ) آهي، جنهن 23 سال اڳ سڀ کان پهرين عدليه جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪيو، سال 2007ع ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي واري تحريڪ ۾ سڀ کان اڳري هئي ۽ اُن لاءِ کيس جيل به ڪاٽڻي پئي. وزيراعظم بيان ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو به ذڪر ڪيو. اُن حوالي سان سندس چوڻ هو ته اهو رڪارڊ جو حصو رهي ته آئون چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو. پاڪستان جيڪي به وڏا جيورسٽ (ججز) پيدا ڪيا، چيف جسٽس آصف سعيد کوسه اُنهن منجهان هڪ آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *