ادارن جي مضبوطي جا خواهشمند آهيون پر ادارا حدن ۾ رهي ڪم ڪن: پرويز رشيد

لاهور (بيورو) پرويزرشيد چيو آهي ته ادارن کي مضبوطي ڪرڻ سندس خواهش آهي، پر ادارا حدن ۾ رهي ڪم ڪن لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته نوازشريف جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن ۽ ڪميشن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته هو هاڪاري احتساب جا حامي آهن، احتسابي عمل جمهوريت جي خاصيت آهي. سندس چوڻ هو ته انصاف ۽ قانون جون گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن ۾ هٿ وجهي سگهجن ٿا. وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته رٿائون ڪنهن جي ذاتي نه پر قومي ڀلائي لاءِ آهن. پرويز رشيد چيو ته خوف وارو ماحول حڪومتي معاملن تي اثر انداز نٿو ٿي سگهي، قومي رٿائن تي ڪنهن کي اثر انداز ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *