ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي، نواز شريف عدالت جا فيصلا قبولي: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي عدالتن جا فيصلا مڃڻ گهرجن. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان کي ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چئي رهيو آهي ته عدالتي فيصلا قبول ڪرڻ گهرجن تنهن ڪري نواز  شريف کي به عدالتن جا فيصلا قبول ڪرڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته گار ۽ الزامن جي سياست نه ٿيڻ گهرجي جڏهن ته مون کي نه ٿو لڳي ته سينيٽ جي چونڊ ملتوي ٿيندي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پنجن سالن دوران 7 هزار ارب رپين جو قرض ورتو آهي، اسان 21 ارب رپين جا قرضي آهيون، ملڪي معاشي حالت خراب آهي، اسان قرضن ۾ ٻڏل آهيون، هر پيدا ٿيندڙ ٻارڙو به قرضي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *