ادارا ڪم نه ڪندا ته نقصان عوام جو ٿيندو: چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ٿر ۾ 100 ٻارن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ صحت کاتي جي رپورٽ تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس،جسٽس انور ظهير جمالي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ادارا ڪم نه ڪندا ته نقصان عوام جو ٿيندو، نوٽيس وٺڻ تي چيو ويندو آهي ته عدالت اداري خلاف آهي پر اهو تاثر غلط آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ بئنچ ٿر ۾ 100 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي چيو ته مٺي ۽ ٿر جون ٻيون اسپتالون پي پي ايڇ آءِ جي انتظام هيٺ ڪم ڪري رهيون آهن، جتي ڊاڪٽر ۽ دوائون موجود آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ ٻين اسپتالن مان مريضن  کي مٺي اسپتال آڻي اتي آپريشن ڪيا ويندا آهن. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٿر جي اسپتالن ۾ ليڊيز ڊاڪٽرز جي کوٽ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏيپلو تعلقي اسپتال دل، سرجيڪل،ٻارن، دماغ ۽ ٻين بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر ناهن، جنهن تي عدالت اسپشل سيڪريٽري کي چيو ته توهان جي رپورٽ مان لڳي ٿو ٿر ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. چيف جسٽس انور ظهير جمالي رمارڪس ڏيندي چيو ته ته ادارا ڪم نه ڪندا ته نقصان عوام جو ٿيندو، نوٽيس وٺڻ تي چيو ويندو آهي ته عدالت اداري خلاف آهي پر اهو تاثر غلط آهي. عدالت صحت کاتي جي رپورٽ تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *