ادارا يا ته معذرت ڪن يا ڌانڌلي ڪندڙن کي وائکو ڪن: پي ڊي ايم قيادت

سکر (اين اين آءِ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪي حالتون هلن پيون ان جي تحت هي حڪومت ڊسمبر تائين وڃڻ گهرجي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي مذمت ڪيون ٿا، آزادي اظهار راءِ سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿيڻ گهرجي، مسلمانن يا ڪنهن جي به دل آزاري جو عمل ڏوهه سڏرائيندو آهي، فرانسيسي صدر مسلمانن جي خلاف اعلان جنگ ڪري رهيو آهي، فرانسيسي صدر جي بيانن سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي، عوام کان اپيل آهي ته فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ڪن ۽ فرانسيسي ڪمپنين سان معاهدا ختم ڪيا وڃن. يورپ عجيب آهي جيڪو پنهنجي پاڻ کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جو پيروڪار ٿو سڏرائي. اُتي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي توهين به ٿيندي ته مسلمان ئي احتجاج ڪندا آهن. جي يو آءِ جي سربراهه جو چوڻ هو ته مدرسي ۾ ڌماڪو بزدلاڻو قدم آهي، نيب بابت سندس چوڻ هو ته نيب انتقامي ادارو آهي جيڪو حڪومتي پردو وجهڻ ۽ مخالف ڌر خلاف استعمال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي جمعيت جو موقف واضح آهي ۽ اُهو هي آهي ته آرڊيننس 18هين ترميم جي خلاف آهي، اِهي ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن. سندس چوڻ هو ته عام ماڻهو بي وس ٿي گهر ويٺل آهي، اسان عوام جي ترجماني ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان سان اُهي ماڻهو گڏ آهن جيڪي سمجهن ٿا ته عوام پيڙهجي رهيو آهي، اسان هن حڪومت کي سليڪٽڊ چئون ٿا، اسان تحريڪ سان نه پر ان جي اتحادين سان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا، جلسا ۽ احتجاج ختم نه ٿيندا، اسان ان وقت تائين احتجاج ڪنداسين جيستائين ووٽ جي امانت عوام تائين نٿي پهچي. جيڪي حالتون هلي رهيون آهن انهن جي تحت هي حڪومت ڊسمبر تائين ختم ٿيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *