اخلاق جي تقاضا آهي ته نواز شريف ڪرسي ڇڏي جيئن آزاداڻي جاچ ٿئي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اخلاق جي تقاضا آهي ته نواز شريف ڪرسي ڇڏي، آزاداڻي تحقيق جي لاءِ ضروري آهي ته وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي. سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي بڻائڻ وڏي ڳالهه آهي، ڪالهه عدالت وزير اعظم کي ڪليئر ناهي ڪيو، پاناما اسڪينڊل جو فيصلو انصاف سان گڏ ٿيڻ گهرجي، رائٽ ۽ ليفٽ بدران رائٽ ۽ رانگ جي سياست ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪالهوڪو ڏينهن تاريخي ڏينهن ه، سپريم ڪورٽ حڪومت خلاف فيصلو ڏنو ته ان خلاف ثبوت يقين جوڳا ناهن، اهو فيصو ڪاميابي ڏانهن پيش قدمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪرپشن خلاف جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *