اختر مينگل جي مولانا فضل رحمان سان ملاقات، دعوت قبول، اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل اپوزيشن پارٽي جي اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چاهيون ٿا ته جمهوريت مضبوط، شفاف اليڪشن ۽ عدالتون آزاد هجن، حڪومت جا اتحادي نه آهيون، ڪجهه نقطن تي ووٽ ڏنو، سياسي پارٽين کي جمهوريت جي بحالي لاءِ واضح اينجنڊا کڻي اچڻو پوندو، انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ته جمهوريت کي وڌندي ويجهندي نٿو ڏسي سگهجي، اڱاري تي اختر مينگل مولانا فضل رحمان سان ملاقات ڪئي، سينيٽر جهان زيب جمال الديني ملاقات ۾ موجود هو، جي يو ف آءِ پاران مولانا عبدالفغفوري حيدري، مولانا اسد محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ حڪومت خلاف تحريڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، مولانا پاران اختر مينگل کي اپوزيشن جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي، صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل رحمان چيو ته اي پي سي تي صلاح مشورن جي شروعات ٿي چڪي آهي، ايندڙ هفتي ۾ اي پي سي جو احتمام ٿي سگهندو، هن چيو ته اختر مينگل جو هاڪاري جواب ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ پيدا ٿيندڙ سوچ جا بهترين نتيجا نڪرندا، سڄي قوم کي هڪ صف ۾ اچڻو پوندو تڏهن ئي هدف حاصل ٿيندا، اپوزيشن قيادت جيل ۾ هئڻ سبب ئي اي پي سي جلد ٿي رهي آهي، اختر مينگل چيو ته بي اين پي ۽ جي يو آءِ ف جا پراڻا لاڳاپا آهن، منهنجو والد بلوچستان ۽ مولانا جو والد ڪي پي ڪي جو وڏو وزير هو، هن چيو ته بلوچستان اڄ به ٻئي پارٽيون اتحادي آهن، مولانا اي پي سي لاءِ دعوت ڏني هئي، ملڪ ۾ سياست ۾ اسان جو ڪردار ۽ ذميواريون آهن، هن چيو ته سياسي پارٽي طور اي پي سي ۾شرڪت ڪنداسين، جلد پارٽي جي گڏجاڻي گهرائي مولانا کي هاڪاري جواب ڏينداسين، ملڪ ۾ ڪيتريون ئي چونڊيل ۽ غير چونڊيل حڪومتون آيون ۽ ويون، ڪيتريون ئي بجيٽون آيون پر ملڪ جي قسمت سنوارجي نه سگهي تنهنڪري سياسي پارٽين کي جمهوريت جي بحالي لاءِ واضح ايجنڊا کڻي اچڻو پوندو. هن چيو ته سياسي اشو ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، هن چيو ته بلوچستان وارن کي خدشو آهي ته ترقي جي نالي تي ڊيمو گرافڪس تبديل نه ٿين، هن چيو ته ڪيتري ئي ڪوشش حڪومت کي بلوچستان جي مسئلن کان آگاهه ڪيان، جيڪڏهن ڪير مئسلن کي نٿو سمجهي ته ڇا ٿو ڪري سگهان، هن چيو ته غائب ماڻهن جو مسئلو رڳو بلوچستان نه پر سنڌ ۾ به آهي، بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لسٽ حڪومت کي ڏني، جمهوريت جو بنياد انساني حق آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *