اخبارن جي بقاياجات  ٽن مهينن جي اندر ادائيگي جو نظام جوڙيو پيو وڃي: عبدالرشيد سولنگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري اطلاعات حڪومت سنڌ عبدالرشيد سولنگي چيو آهي ته  اخبارن جي بقاياجات کي جلد کان جلد ادائيگي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ وزير اطلاعات سعيد غني خاص هدايتون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي 5 رڪني وفد سان سندس آفيس ۾ ملاقات جي دوران ڪيو وفد ۾ اعجاز الحق، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، غلام نبي چانڊيو، عامر محمود ۽ عبدالرحمٰن منگريو شامل هئا. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي وڌيڪ چيو ته ميڊيا سان واسطو رکندڙ سمورا اسٽيڪ هولڊرز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هو حڪومت سان گڏ پنهنجون ذميواريون وڌيڪ احسن طريقي سان ادا ڪري سگهن هن چيو ته اخبارن جي نان بجيٽڊ ۽ بجيٽڊ بقاياجات جي ادائيگي جو هڪ جامع ۽ شفاف طريقيقار بڻايو پيو وڃي جنهن جي بعد اخبارن جي بقاياجات جي مڪمل طور تي ادائيگي ڪري سگهبي هن چيو ته اطلاعات کاتي پاران نئين ايڊورٽائيزمنٽ پاليسي مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان جي ذريعي پڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو، هن چيو ته انهن جا دروازا ميڊيا سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۽ ادارن لاءِ هميشه کليل هوندا آهن ۽ هو پاڻ به ميڊيا آفيسز جا دورا ڪري انهن جي مسئلن سان آگاهي حاصل ڪري رهيا آهن هن چيو ته اطلاعات کاتي کي اخبارن کي درپيش ڏکيائين جي ڄاڻ آهي اهوئي سبب آهي ته بقاياجات جي وقت تي ادائيگي لاءِ نظام ٺاهيو پيو وڃي سي پي اين اي جي وفد سيڪريٽري اطلاعات جو شڪريه ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته انهن جا بقاياجات کي جلد کان جلد ادائيگي کي يقيني بڻايو ويندو ان موقعي تي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان، ڊائريڪٽر ليگل عزيز احمد هڪڙو ۽ ڊائريڪٽر اشتهارات سيد عظيم شاهه پڻ موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *