احد رضا مير ۽ سجل علي جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون

 

ڪراچي: (شوبز نيوز) احد رضا مير ۽ سجل علي جي ڍولڪي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.رپورٽ موجب پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي احد رضا مير ۽ سجل علي جي شادي جي تقريبن جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا جي هر طرف ٻنهي جون ڍولڪي واريون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن.انسٽاگرام تي احد رضا مير جي والده اسٽوري لڳائي هئي جنهن ۾ گلن جي وچ ۾ ڪيڪ رکيو ويو هو جنهن تي احد ۽ سجل جي ڍولڪي لکيل هو، ان تصوير جي منظر عام تي اچڻ کان پوء احد ۽ سجل جا مداح نه صرف خوش آهن پر ٻنهي کي شادي جي مبارڪباد به ڏيڻ جي لاءِ بيچين آهن.. واضح رهي ته احد ۽ سجل جي جوڙي ڊرامه سيريل(يقين ڪا سفر) مان مشهوري ماڻي هئي. جڏهن ته گذريل سال عيد تي ٻنهي جي مڱڻي ٿي هئي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *