احتساب ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ ٺهي سگهي ٿي ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو نه ؟: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات ۽ تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته جيڪڏهن احتساب ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ ٺهي سگهي ٿي ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو نه ٿي ٺهي سگهي، سنڌ ته خيبرپختونخواهه کان به وڏو صوبو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ان ڏس ۾ احتساب ڪميشن جو خاڪو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو منظوري لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو  ۽ اسيمبيءَ مان منظور ٿيڻ کانپوءِ ان کي قانوني شڪل ڏني ويندي ۽ عمل درآمد ڪيو ويندو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پ پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته پ پ پ تي ڌانڌلي جا الزام غلط ۽ بي بنياد آهن جيڪي جماعتون کٽي نه ٿيون سگهن ۽ انهن کي پنهنجي هار نظر اچي ٿي ته اهي هروڀرو واويلا پيون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊون اليڪشن ڪميشن جي نگراني ۾ ٿي رهيون آهن ۽ آفيسر به اليڪشن ڪميشن پوسٽ ڪري پئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي طرفان ترقياتي ڪمن، نوڪرين توڙي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي پابندي لڳل آهي. هن چيو ته 27 سالن کانپوءِ سنڌ کي خودمختياري ملي آهي هن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن جي اميدوارن کي 30 سيپٽمبر تائين ٽڪيٽون ڏنيون وينديون جنهن بعد نشان الاٽ ڪيا ويندا. پ پ پ تير جي نشان تي اليڪشن وڙهي سوڀاري ٿي غريب عوام جي اڳ جيان خدمت ڪندي  ان کان اڳ سينيئر صوبائي وزير جناب نثار احمد کهڙو عيدالعضحيٰ جي نماز پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ ادا ڪئي ۽ اتي موجود ماڻهن سان عيد مليو ۽ انهن سان گڏجي ماڻي کاڌي جنهن بعد هن سان مختلف وفدن پڻ ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *