احتساب ڪرڻو آهي ته شروعات مون کان ڪريو، آئون وزيراعظم هيس ۽ 46 وزير هئا: شاهد خاقان عباسي

اٽڪ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته احتساب ڪرڻو آهي ته شروعات مون کان ڪريو، آئون وزيراعظم هيس ۽ 46 وزير هئا. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جو اٽڪ ۾ پارٽي جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته احتساب ڪرڻو آهي ته شروعات مون کان ڪريو، آئون وزيراعظم هيس ۽ 46 وزير هئا، اسان آمرن جي ڌمڪين ۽ جيلن کان نه گهٻرايو ته سليڪٽڊ کان ڇا ڊڄنداسين. هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم اهو ڪجهه ئي ڏئي سگهي ٿو جيڪو عمران ملڪ کي ڏنو آهي، اڄ حالت اها آهي ته جنهن ڪرپٽ ماڻهو حياتي بچائڻي آهي اهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو وڃي. ن ليگ اڳواڻ شاهد خان عباسي چيو ته ويڊيو فلم ۾ منصف پاڻ چئي رهيو آهي ته هن دٻاءُ تحت فيصلو ڪيو، سندس ضمير کيس ملامت ڪري ٿو، ايستائين ته هر شيءَ ۾ سو موٽو هوندو هو، ته پوءِ اڄ ڪير پڇڻ وارو ڇو ڪونهي؟ ان جو جواب آهي ڪنهن وٽ؟ سندس چوڻ هو ته اسان نواز جي نه انصاف جي ڳالهه ڪريون ٿا، اڄ ملڪ جي وزيراعظم جي ڪيس ۾ انصاف نٿو ٿي سگهي ته پوءِ ڪهڙي پاڪستاني کي انصاف ملندو؟ شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جيڪو قرض ڏهن مهينن ۾ ورتو ايترو قرض ڪڏهن ڪنهن پنجن ورهين ۾ ناهن ورتو . مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته بجيٽ جي فوري طور ملڪ جي هر ضلعي ۾ آواز بلند ڪيو ويندو، ملڪ ۾ ترقي اڌ ٿي ۽ مهانگائي ٽي سيڪڙو ٿيڻ جو سبب عوام اسان کي پڇي ٿو، عوام نئون پاڪستان وساري چڪو آهي ۽ پراڻي پاڪستان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. سليڪٽڊ وزيراعظم کي بوگس چونڊن ۾ آندو ويو آهي سندس دل ۾ چور آهي، هي ملڪ جون حالتون سڌاري نٿو سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *