احتساب ٽرين کي پٽڙي تان لاهڻ واري سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو اهي ته احتساب ٽرين کي پٽڙي تان لاهڻ واريون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون احتساب صرف وزيراعظم ۽ سندس خاندان نه پر هر ان شخص جو ٿيندو جنهن جو نالو پانامه ليڪس ۾ آيو آهي يا وري جنهن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. هن چيو ته سياسي جماعتون واعدو ڪن ته هو ڪنهن به ڪرپٽ کي پنهنجي سر جو تاج نه بڻائينديون ۽ نه ئي پنهنجي پارٽي جي ٽڪيٽ ڏينديون. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪنهن لٽيري جو سهڪار وٺي ان سان سهڪار نه ڪندي اسان جي تحريڪ جمهوريت جي لاءِ نه پر ڪرپشن جي خلاف آهي ۽ احتساب سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار منصوره ۾ جماعت اسلامي جي جاري مرڪزي مجلس شوريٰ جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ ڪئي. ان افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته وزيراعظم طرفان من پسند ڪميشن بنائڻ ۽ احتساب کان بچڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ قوم به ان کي قسم جي ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم 3 ڀيرا قوم کي خطاب ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز جو حل ٻڌائڻ بدران پنهنجون صفايون پيش ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *