احتساب واري قانون کي چيلينج ڪندڙ ان ۾ خاميون ٻڌائن: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سعيد غني چيو آهي ته احتساب جو قانون چيلينج ڪرڻ وارا ان ۾ خرابيون ٻڌائن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته هڪ ئي ڏوهه جي خلاف 2 ادارن جو ڪم ڪرڻ عجيب ڳالهه آهي، سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن ادارو احتساب ڪميشن جي جاءِ وٺندو. سعيد غني چيو ته سنڌ کان پهرين ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن بڻجي چڪو آهي پر تحريڪ انصاف سنڌ ۾ نيب کي قائم رکڻ چاهي ٿي ۽ احتساب ڪميشن خلاف عدالت ۾ اچي وئي آهي. سعيد غني جو چوڻ هو ته صوبائي اسيمبلي وٽ قانون سازي جو اختيار آهي، لاڳو نيب قانون صوبن تان ختم ڪرڻ واري تجويز سان پي ٽي آءِ به اتفاق ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن جو سربراهه اسپيڪر کي رکيو آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر کي اسپيڪر تي اعتراض آهي ته راءِ ڏئي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. نيب آرڊيننس ختم ڪرڻ بابت عدالت جو جيڪو به فيصلو ايندو ان کي قبول ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *