احتساب عدالت جي جج  ارشد ملڪ جي وڊيو تڪرار تي سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي: نيئر بخاري جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ احتساب عدالت جي جج  ارشد ملڪ جي وڊيو تڪرار تي سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ پ پ جي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري چيو ته عدليه جي ساک تي سوال اٿارڻ افسوس جوڳو عمل آهي، سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج جي وڊيو ليڪ ٿيڻ تي کليل ٻڌڻي ڪري. هن چيو ته پ پ ماضي جون حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪري ٿي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو روح ڪيترن ئي سالن کان انصاف جو منتظر آهي. سندس چوڻ هو ته  جسٽس نسيم حسين شاهه جو اعتراف رڪارڊ تي موجود آهي، جسٽس رٽائرڊ عبدالقيوم جي ڳالهه ٻولهه به ظاهر ٿي چڪي آهي،  جڏهن ته نيب چيئرمين جاويد اقبال هڪ طرفي احتساب سبب تڪراري ٿي چڪو آهي.  هن چيو ته آزاد عدليه جو تصور يقيني بڻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو ته احتساب عدالت جي جج بابت مريم نواز جو انڪشاف ثبوت آهي، نيب کانپوءِ احتساب عدالتن جي ساک سواليه نشان بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان حوصلو ڪري اڃا ته پارٽي شروع ٿي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *