احتساب رينجرز جي دائري ۾ نٿو اچي، سنڌ ۾ به کيس احتساب جو مينڊيٽ نه آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي پنجاب ۾ رينجرز کي احتساب جي دعوت ڏيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته رينجرز کي سنڌ ۾ به احتساب جو مينڊيٽ مليل ناهي. اسلام آباد ۾ عمران خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چوڌري نثار علي چيو ته احتساب رينجرز جي دائري ۾ نٿو اچي. هن چيو ته رينجرز کي سنڌ ۾ به احتساب جو م ينڊيٽ نه آهي. هن چيو ته رينجرز کي احتساب جي دعوت ڏيڻ قانون جي دائري ۾ نٿو اچي. وفاقي وزير چيو ته کيس حيرت آهي ته هڪ سياسي اڳواڻ اهڙو مطالبو ڪيئن ڪيو. هن چيو ته هر سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن کي اظهار جي آزادي جو پورو پورو حق آهي.پر هي آزادي قانون ۽ آئين جي حدن ۾ هجڻ گهرجي. هن چيو ته فوج جي سربراهه کي انڪري تحسين پيش ڪيون ٿا ته هو پنهنجا فرض خوش اصلوبي سان پورا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جو پاڪستان 2013 کان گهڻو بهتر آهي. چوڌري نثار چيو ته اڻ لاڳاپيل معاملن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ملوث ڪرڻ عقلمندي جي ڳالهه ناهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ رينجرز جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي بيانن جو حصو بنائڻ غير مناسب آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ واضح بهتري آئي آهي.جڏهن ته ڪراچي ۾ امن موٽي آيو آهي. هن چيو ته پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ فوج يا رينجرز کان اهڙا مطالبا ادارن کي تڪراري بنائڻ جي برابر آهي. چوڌري نثار چيو ته سياسي مقصدن لاءِ رياستي ادارن جي مداخلت جمهوري نظام جي بقا جي خلاف آهي. هن چيو ته اهڙن بيانن سان ڪراچي آپريشن به متاثر ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *