احتساب جي نالي تي سياست مخالفن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن پاران عورت سينيٽر ستاره اياز کي حراسان ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي تاثر فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ته احتساب جي نالي تي مخالفن خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن، پ پ ڪرپشن جي خلاف آهي ۽ چاهي ٿي ته سمورن ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ احتساب جي نالي تي سياست مخالفن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي، هن چيو ته پ پ جي گذريل حڪومت نه ته ملڪ ۾ ڪو سياسي قيدي هو ۽ نه ئي ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي هئي، هن چيو ته احتساب شفاف ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي صدر ياد ڏياريو ته ڪجهه هفتا اڳ ڪي پي ڪي ۾ پ پ جي اڳوڻي وزير لياقت شباب تي تشدد ڪيو ويو هو، سندس تعلق ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي تڪ چونڊ سان آهي جنهن سبب احتساب جي آڙ ۾ انتقام جو تاثر قائم ٿئي ٿو، هڪ ٻئي اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الله آفريدي کي به ڪرپشن جي الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو ته هن صوبائي اسيمبلي ۾ اٿي بيهي چيو ته ڪي پي ڪي ڪابينا جا ڪجهه ماڻهو ڪرپشن ۽ اسملنگ ۾ ملوث آهن جن جا ثبوت به هن پيش ڪيا، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪنهن جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي ۽ نه ئي جاچ ڪئي وئي، ان سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته احتساب کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اهڙي وقت ستاره اياز خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن جي ڪارڪردگي خراب آهي، هن چيو ته اخلاقيات  ۽ قانون مطالبو ڪري ٿو ته ڪي پي ڪي جو احتساب ڪميشن پنهنجي قدمن جي وضاحت ڪري نه ڪي ته هو حزب اختلاف خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ڪري، هن چيو ته ڪي پي ڪي جو احتساب ڪميشن ۽ سياسي حڪمران ان ڳالهه جو احتساب ڏين ته اهي گذريل مهينن کان حزب اختلاف جي قانونسازن کي گرفتار ڪري رهيا آهن، جيتوڻڪ احتساب ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن ان قانونساز جي گرفتارين کانپوءِ جاري ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *