احتساب بل تي قانون سازي ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اختيارن ۾ شامل آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته احتساب بل تي آئين سازي ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اختيارن ۾ شامل آهي. صوبائي اسيمبلي پنهنجن اختيارن کي ڪتب آڻيندي قانون منظور ڪيو. پي ايس 114 جي ننڍن چونڊن ۾ حڪومتي وسيلن کي ڪتب نه آندو ويو آهي بلڪه اسين ڪم ڪري پاڻ کي ثابت ڪيو آهي ۽ عوام اسان جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي کي ڏسندي اسان کي ووٽ ڏنا آهن. هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ پئسا هلائڻ واريون خبرون من گهڙت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميمڻ ميڊيڪل اسپتال  صفوره ڳوٺ جي دوري دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صحت کاتي جو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو پڻ موجود هو.ميمڻ ميڊيڪل اسپتال جي دوري دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نرسنگ اسڪول جي قيام لاءِ ساليانو 42 ملين رپيا گرانٽ ڏيندي رهندي. اسپتالن ۾ نرسز جي ڪردار ۽ انهيءَ جي اهميت کي اجاڳڙ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اُپاءُ ورتا وڃن. هن چيو ته منهنجي اها ڪوشش آهي ته عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ وارن ماڻهن جو هٿ ونڊائي سگهان. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن سان گڏوگڏ خانگي اسپتالن جي مالي معاونت پڻ جاري رهندي. منهنجو مقصد سنڌ جي عوام کي تعليم ۽ صحت جي بهتر سهولتن جي فراهمي کي هر ممڪن يقيني بڻائڻ آهي. دوري دوران هن اسپتال جي مختلف وارڊن جو چڪاس ڪندي اسپتال انتظاميه کان مريضن کي ڏنل سهولتن بابت ڄاڻ پڻ ورتي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ميمڻ اسپتال حڪومت سنڌ، خانگي ادارن ۽ مختلف شخصيتن جي مدد سان غريب ۽ لاچار مريضن جي خدمت لاءِ هر وقت سرگرم آهي. ان کانپوءِ وڏي وزير بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميٽنگ جي پڻ صدارت ڪئي جنهن ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته آئون صحت جي شعبي ۾ ترجيحي بنياد تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان اڳيان وڌڻ گهران ٿو. آئون نسرنگ ڪاليج جي قيام لاءِ اوهان سان گڏ آهيان.هن ميٽنگ کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ ڪم جي شروعات بدين جي اسپتال کان ڪئي هئي. سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي. منهنجي پوري ڪوشش هوندي ته صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن جو هٿ ونڊائي سگهان. هن بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ميمڻ اسپتال جي دوستن روڊ جي تعمير لاءِ چيو هو ته مون انهيءَ کي ٽن مهينن اندر بڻائي ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو آئون چاهيان ٿو ته عوام کي صحت جون سهولتون سندن چوکٺ تي مهيا هجن. هن ٻڌايو ته سالانه 42 ملين روپيا گرانٽ سان گڏوگڏ وڌيڪ به اوهان کي فنڊز ڏيندس.  اسان ڪراچي جي هر لحاظ سان خدمت ڪندا رهنداسين. ميٽنگ ۾ وڏي وزير لاءِ اسپتال انتظاميه پاران ريمارڪس ڏنا ويا ويا ته وڏو وزير اعليٰ تعليم، انجنيئرنگ ۽ معاشيات سندس ممتاز بڻايو آهي. ان موقعي تي ميمڻ اسپتال جي فائونڊيشن چيئرمين پير محمد ديوان پڻ وڏي وزير بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته وڏو وزير پنهنجي زبان ۽ وعدن جو پڪو آهي.دوري جي پڄاڻي تي وڏي وزير ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ميمڻ ميڊيڪل اسپتال پاران دوري جي دعوت ڏني وئي هئي. ميمڻ ميڊيڪل انسٽيٽوٽ اسپتال گهڻي عرصي کان متحرڪ آهي ۽ علاج معالجي جي سهولتن ڏيندي انسانيت جي خدمت ۾ رڌل آهي جيڪو سٺو ڪم آهي. نرسنگ اسڪول جي قيام لاءِ سنڌ حڪومت ميمڻ ميڊيڪل اسپتال جي هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته گڏاپ ۽ ملير جي ڪن صحت جي مرڪزن کي ميمڻ ميڊيڪل اسپتال سان ڳنڍڻ تي پڻ غور ويچار ڪريون پيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته PS-114ننڍو پاڪستان آهي. 2018 جي چونڊن ۾ پڻ ڪراچي مان وڏي ڪاميابي حاصل ڪنداسين. ننڍي چونڊ کٽي ثابت ڪيو ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جو اسٽيڪ آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ دلچسپي نه ٿي وٺي، پر اسان ترقياتي ڪم ڪرائي عوام جي خدمت ڪندي اهو ثابت ڪيو ته اهو تاثر غلط آهي. چونڊن ۾ پيسا هلائڻ واريون ڳالهيون من گهڙت ۽ بي بنياد آهن. سعيد غني هڪ مزدور جو پٽ آهي جيڪڏهن ووٽ پيسا ڏئي خريد ڪيا وڃن ته سمورا امير چونڊون ڏوڪڙن جي عيوض کٽين ها. پي ايس 114 حلقي ۾ ننڍين چونڊن بابت ماڻهن جو خيال هو ته اسان انهيءَ حلقي مان هروڀرون وڙهون پيا پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو اهو پڪو ارادو ۽ يقين هو ته پي پي پي انهيءَ حلقي مان ضرور ڪامياب ٿيندي. پيپلز پارٽي جي انهيءَ حلقي مان ڪاميابي مان مخالفين جا سمورا دعوا ڪوڙا ثابت ٿيا. اسان جو اميدوار سعيد غني ڪاميابي بابت پراميد هو ۽ هن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو صاحب جي عزم کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو.  جنهن جو نتيجو اوهان آڏو آهي ته 5 کان 6 سيڪڙو ووٽنگ مان 40 سيڪڙو ووٽ اسان کي مليا. جنهن ۾ ٻين پارٽين ۽ مذهبي پارٽين جو پڻ اسان جي مدد ڪئي جنهن تي اسين دل جي گهرائين سان شڪرگذار آهيون. هي حلقو ننڍو پاڪستان جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ هر مذهب ۽ فرقي جا ماڻهو رهن ٿا. سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، مهاجر ۽ پنجابي پڻ آهن . اهڙا تمام گهٽ حلقا ڏسڻ ۾ ملن ٿا. الله تعاليٰ جي مهرباني آهي ننڍي پاڪستان پي ايس 114 مان پيپلز پارٽي کي ڪاميابي ملڻ جو سبب 2018 جي چونڊن ۾ پڻ اسان جي ڪاميابي جو عڪس نظر اچي. پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي جي علائقن مان سٺا اميدوار چونڊي انهن کي ٽڪيٽ ڏيندي ۽ ايندڙ چونڊون پڻ کٽندي ڪامياب ٿيندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته احتساب جو قانون بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اختيار ۾ شامل آهي. نيب قانون جي رد وارو بل گورنر وٽ موجود آهي، انهيءَ تي گهڻو نه ڳالهائيندس. قانون بڻائڻ اسيمبلين جو ڪم آهي. نيب خلاف عدالتن جا ريمارڪس موجود آهن، ادارن تي واضح ڪندو هلان ته بينچ هينٽنگ نه هلندي، پنهنجين حرڪتن کان باز اچو. صوبائي اسيمبلي پنهنجن اختيارن ۾ رهي قانون پاس ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر جا بيان افسوسناڪ آهن، هن کي گهرجي ها ته بيان ڏيڻ بدران اسيمبلي پاران اماڻيل احتساب بل تي صحيحون ڪري.

پاڪستان پيپلز ڪرپشن جي سخت خلاف آهي. اسان جيڪو قانون پاس ڪيو آهي اهو اسان جي نظر ۾ پوري اسمبلي جو فيصلو آهي اهو هڪ صوبائي معاملو آهي جنهن کي اپوزيشن پارٽي مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن جي پنهنجي هڪ راءِ آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اقدامات 1956 ۾ ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ هئا هاڻي ريزيول لسٽ ۾ آهن. جيڪو ڪنڪرٽ لسٽ ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهو ئي صوبائي سبجيڪٽ آهي. جنهن کي نظر ۾ رکندي صوبائي معاملن تي قانون سازي ڪرڻ اسانجي اختيارن ۾ شامل آهي. ۽ جيڪو اسان صوبائي قانون جوڙيون پيا انشاء الله تعاليٰ جڏهن قانون جڙي آڏو ايندو ته سڀئي خوش ٿيندا، ڪنهن کي اعتراض نه هوندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *