احتجاج اسان جو حق آهي، روڪيو ويو ته پنهنجو رستو پاڻ ٺاهينداسين: پي ٽي آئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪ ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فوري طور چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي، اسان عوامي فيصلو قبول ڪنداسين. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيئرمين شاهه محمود قريشي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب سان گڏ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت پرامن احتجاج ۾ رنڊڪون پئي وجهي، احتجاج اسان جو قانوني ۽ جمهوري حق آهي، اسان پنهنجي دور ۾ ڪنهن کي احتجاج، لانگ مارچ کان نه روڪيو. هن چيو ته حڪومتون هڪٻئي کي برداشت ڪنديون آهن، عمران خان سڀاڻي اسلام آباد پهچندو، طاقت جي زور تي حڪومت ته هلائي سگهجي ٿي پر ملڪ نه، اسان سمجهون ٿا ته سڀني ادارن کي پنهنجي آئيني هدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان کي روڪيو ويو ته پنهنجو رستو پاڻ ٺاهينداسين، جلد چونڊون ڪرايون وڃن، اسان کي نتيجا قبول هوندا، شفاف چونڊن لاءِ حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *