اجائي تنقيد ڪندڙ ترقي جي سفر کان هٽائڻ چاهين ٿا، هر حال ۾ منزل ماڻينداسين: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو حڪومت تي اجائي تنقيد ڪري اسان کي ترقي جي سفر کان هٽائڻ چاهين ٿا، مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر بابر نواز خان، ثقلين بخاري ۽ محمود بانجرا وزيراعظم نواز شريف سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ ترقياتي رٿائن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي ليگي ايم اين ايز جو چوڻ هو ته عوام حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ترقي جي رستي ۾ رنڊڪون وجهندڙ عنصر پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، هن چيو ته اسان جو اصل مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جلد اونداهين مان نڪري اسريل ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو ۽ پاڪ – چين معاشي لنگهه ملڪ ۾ معاشِي انقلاب جو ڪارڻ بڻجندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *