اسلام آباد(بيورو) راولپنڊي جي احتساب عدالت اثاثا ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڪيل سميت احتساب عدالت ۾ پاڻ پيش ٿيو، انهي کي آئنده حاضري کان ڇوٽ ملي وئي ايندڙ حاضري ۾ آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ هن جي طرفان عدالت ۾ پيش ٿيندو. اڄ جي ڪارروائي ۾ احتساب عدالت تي ڇوٽ وارا سمن جاري ڪيا. ايندڙ ٻڌڻي 5 شاهدن کي 2 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم.