اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ افغان سرحد ويجهو آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. پاڪستان جي سخت احتجاج باوجود آمريڪا پاران قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملن جو سلسلو نه رُڪجي سگهيو. افغان سرحد ڀرسان اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ آمريڪي ڊرون جهاز هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا،جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو. حملي بعد به ڊرون جهازن جي اڏامن جو سلسلو جاري هو، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود رهيا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران القاعده جي اهم سعودي ڄائي ڪمانڊر عدنان الشڪري جمعه کي سندس ساٿيءَ سميت ماريو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *