اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، ازبڪ ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آمريڪي جاسوس جهاز جــَي حملي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ طالبان ڪمانڊر حافظ گل بهادر ۽ ازبڪ ڪمانڊر عثمان به شامل آهن. سال 2015ع جي پهرين ڊرون حملي ۾ آمريڪي جاسوس جهاز، اتر وزيرستان جي دتا خيل کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاسوس جهاز پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر حافظ گل بهادر ۽ ازبڪ ڪمانڊر عثمان جي ڪمپائونڊ تي 2 ميزائل فائر ڪيا. ميزائل حملي ۾ حافظ گل بهادر ۽ عثمان جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن جڏهن ته ان حوالي سان اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *