اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي(نيوز ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب بويا واري علائقي جي ڳوٺ چار خيل ۾ انٽيليجنس بنيادن تي سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي 2 جوان حوالدار شير زمان خان ۽ سپاهي محمد جواد شهيد ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *