اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو  آپريشن دوران دهشتگردن سان مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي همزوني ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ان دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ 6 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڏوهن جي مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد وٽان ڌماڪيدار مادو ۽ تخريبڪاري ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار هٿ ڪيا ويا آهن، مارجي ويلن دهشتگردن جي سڃاڻپ محمد علي، مطيع الله، محمد عمر، اختر حسين، شير ۽ وسيم جي نالن سان ٿي آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز همزوني جي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اهو آپريشن ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *