اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد افغانستان سان لاڳاپيل علائقي ۾ مزاحمت ڪري رهيا آهن: جنرل عاصم باجوه

واشنگٽن (م.ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج افغان سرحد سان لاڳاپيل علائقي ۾ دهشتگردن جي مزاحمت کي منهن ڏئي رهي آهي، آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو۾ پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردي بابت پاڪستان جو موقف واضح ۽ پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ڪوبه سٺو يا خراب ناهي سمورا طالبان دهشتگرد آهن دهشتگردن خلاف بنا فرق آپريشن جاري آهي ۽ عالمي برادري کي به گهرجي ته هو دهشتگردي خلاف  جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏين اتر وزيرستانجو ڪيترو ئي علائقو آپريشن ذريعي ڪليئر ڪرايو ويو آهي جڏهن ته افعان سرحد ويجهو ننڍي علائقي ۾ دهشتگردن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ پوري دنيا ۾ ڪٿي به 100 سيڪڙو تحفظ جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي جنهن جي مثال پيرس ۾ ٿيندڙ واقعو آهي ان واقعي سان ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگرد ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ افغان لاڳاپا پهريان ئي بهتر هئا جڏهن ته پشاور سانحي کانپوءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *