اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد

راولپنڊي  (اين اين آءِ)  اتر وزيرستان ايجنسي جي جبلن ۾  لڪي ويٺل دهشتگردن فوجي گاڏي تي ف ائرنگ ڪئي جنهن ۾  پاڪ فوج جو آفيسر سيڪنڊ ليفٽنٽ عبدلمعيد ۽ سپاهي  بشارت شهيد ٿي ويا، 21 سالن جو سيڪنڊ ليفٽنٽ عبدالمعيد تازو ئي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان پنهنجي تربيت پوري ڪئي هئي جنهن جو تعلق وهاڙي تعلقي ڀوريوالا سان  آهي، جڏهن ته هڪ شهيد بشارت کي پاڪ فوج ۾ خدمتون نڀائيندي ٽي سال گذري چڪا هئا، سندس تعلق گلگت جي ڳوٺ دانيور سان آهي.  پاڪ  فوج جي سربراه جنرل قمر جاويد باوجوه شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته آزادي مفت ۾ ناهي ملندي ان جي قيمت ڌرتي جا پٽ ادا ڪن ٿا. پاڪ فوج جي اڳواڻ جنرل قمر جاويد باجوا اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آزادي مفت ۾ ناهي ملي. ڌرتي ماءُ لاءِ پُٽن کي قرباني ڏيڻي پوندي. پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل، ميجر جنرل آصف غفور جي ٽوئيٽ مطابق پاڪ فوج جي اڳواڻ جنرل قمر جاويد باجوا اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن کي سلام ڪريان ٿو، آزادي جيڪا اسان هاڻي ملائي رهيا آهيون، ائين ئي بهادر جوانن جي قربانين سبب آهي   صدر ممنون حسين اتر وزيرستان ۾ فوجي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسانجي محافظن قرباني ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ڪيو آهي، صدر ممنون حسين حملي ۾ شهيد سيڪنڊ ليفٽنٽ ۽ سپاهي جي بلند درجن ۽ گھر ڀاتين جي لاٰ صبر جي دعا ڪئي هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ۾ جنگ ۾ هٿيار بند فوج جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، صدر چيو ته قوم شهيدن غازين جون قربانيون هميشا ياد رکندي.وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽِي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي پنهنجي بيان ۾ ڏکايل خاندان سان تعزيت جو اظهار ۽ شهيدن جي لاءِ بلند درجن جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان  دهشتگردي جي ناسور کي شڪست ڏني آهي. دشمنن جي خلاف بهادر فوج جو ڪردار ڀلائي نه ٿو سگھجي، ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون هميشا ياد رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *