اتر وزيرستان ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 30 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز پاران جيٽ جهازن جــِي بمباريءَ ۾ وڌيڪ 30 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ پرڏيهي به شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ضرب عضب آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي. دتا خيل واري علائقي ۾ پاڪ فوج پاران دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب بمباري ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا جن ۾ پرڏيهي به شامل آهن. واضح رهي ته پاڪ فوج پاران هلندڙ سال جون کان وٺي اتر وزيرستان ۾ ضرب عضب نالي دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين وڏي انگ ۾ دهشتگرد مارجي ويا چڪا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *