اتر وزيرستان ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 25 دهشتگرد مارجي ويا

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جون دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، اتر وزيرستان جي دتا خيل واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز پاران جيٽ جهازن ذريعي بمباري ۾ وڌيڪ 25 دهشتگرد مارجي ويا،جڏهن ته ڪجهه ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا. پاڪ فوج جو دهشتگردن خلاف ضرب عضب آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي دتا خيل واري علائقي ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو دهشتگردن جي ٿاڪن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي. بمباري جي نتيجي ۾ 25 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،جڏهن ته سندن ڪجهه ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا. پاڪ فوج ڪاميابي سان جاري آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردن کي هن وقت تائين ڳرو جاني ۽ مالي نقصان رسايو آهي، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد سرحد پار ڪري افغانستان پڻ فرار ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *