اتر وزيرستان ۾ آپريشن، جيٽ جهازن جي بمباري، 25 دهشتگرد مارجي ويا

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ ضرب عضب آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي، جنهن دوران جيٽ جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 25 دهشتگرد مارجي ويا. اتر وزيرستان جي هيڊڪوارٽر ميران شاهه کان 45 ڪلوميٽر پري اولهه طرف پاڪ افغان سرحد ڀرسان تعلقي دتا خيل ۾ جيٽ جهازن دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. سڪيورٽي ذريعن موجب بمباري ۾ 25 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا. ٻئي طرف خيبر ايجنسي جي اَڪا خيل واري علائقي ۾ دهشتگردن گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو. مقامي پوليٽيڪل انتظاميه موجب اسڪول بند هئڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر عمارت مڪمل طور تباهه ٿي وئي. واضح رهي ته دهشتگردن پاران ماضي ۾ به خيبر ايجنسي سميت فاٽا جي مختلف علائقن ۾ اسڪولن کي تباهه ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *