اتر وزيرستان/ خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ، پرڏيهين سميت 52 دهشگرد مارجي ويا، ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي، خيبر ايجنسي، اورڪزئي ايجنسي (م.ڊ) اتر وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون ڪاميابي سان جاري، سيڪيورٽي فورسز خيبر ايجنسي ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ دهشتگردن جي چيڪ پوسٽن تي حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جيٽ جهازن جي بمباري ۽ سيڪيورٽي فورسز سان دوبدو فائرنگ ۾ غير ملڪين سميت 2 5 دهشتگرد مارجي جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر اتر وزيرستان ۾ غير ملڪين سميت 7 1 دهشتگردن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي. ميڊيا رپورٽس موجب اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هوائي ڪاروائي ۾ اهم دهشتگرد ڪمانڊرن سميت 0 3 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن ذريعي اتر وزيرستان جي تعلقي دته خيل ۾ لٽڪه واري هنڌ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهم دهشتگرد ڪمانڊرن سميت 0 3 دهشتگرد مارجي ويا جن ۾ غير ملڪي به شامل هئا. جيٽ جهازن 2 گاڏين کي نشانو بڻايو، جن بابت خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي گاڏيون آپگهاتي حملن ۾ استعمال ٿي سگهيون پئي. پاڪ فوج جي سُڌ سماءَ کاتي (آءِ ايس پي آر) غير ملڪين سميت 7 1 دهشتگردن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي پاسي عسڪري حڪام موجب خيبر ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان دوبدو فائرنگ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. وادي تيراه ۾ سيڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي 0 5 کان 0 6 دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ تي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جوابي ڪاروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن چڪرين ۾ ڳري هٿيارن جو استعمال ڪيو. ٻئي پاسي اورڪزئي ايجنسي جي علائقي شيرين دره ۾ سيڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو. فورسز جي جوابي ڪاروائي جي نتيجي ۾ 5 1 دهشتگرد مارجي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *