اتر وزيرستان ايجنسي جو 89 سيڪڙو ۽ خيبرايجنسي جو 87 سيڪڙو علائقو خالي ڪرايو ويو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) بچاءُ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اتر وزيرستان ايجنسي جو 89 سيڪڙو ۽ خيبرايجنسي جو 87 سيڪڙو علائقو خالي ڪرايو ويو آهي دهشتگردي جي ٺڪاڻن ۽ مالي مدد ڪندڙن جي خلاف آپريشن جاري رهندو. ڀارت پاران 2013 ۾ جنگبندي جون 464 خلاف ورزيون ڪيون ويون اڱاري تي خواجه آصف پاران سينيٽ کي لکت طور ٻڌايو ويو ته آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ سان 359 ماڻهو شهيد ٿيا جڏهن ته آپريشن ذريعي اتر وزيرستان جو 89 ۽ خيبرايجنسي جو 87 سيڪڙو حصو دهشتگردن کان پاڪ ٿي ويو آهي هن سينيٽ کي ٻڌايو ته دهشتگردن جي مالي معاونت ڪندڙن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. سينيٽر ڪلثوم پروين جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته 2013 ۾ جنگبندي جون 464 ڀڃڪڙيون ڪيون ويون ڀارت پاران فائرنگ سبب 10 فوجي جوانن ۽ 6 شهرين شهادت ماڻي جڏهن ته 24 فوجي جوان ۽ 89 فوجي زخمي ٿيا 2014 ۾ جنگبندي جون 315 خلاف ورزيون ڪيون ويون جنهن سان 2 فوجي جوان ۽ 18 شهري شهيد ٿيا جڏهن ته 24 جوان ۽ 74 شهري زخمي ٿيا 2015 ۾ 9 سيپٽمبر تائين جنگبندي جون 218 خلاف ورزيون ٿيون جنهن سان هڪ فوجي جوان شهيد ۽ 33 شهري شهيد ٿيا 16 جوان ۽ 129 شهري زخمي ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *