ابوظهبي ٽيسٽ ميچ جو چوٿون ڏينهن ختم،انگلينڊ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 564 رنسون ٺاهي ورتيون

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) ابوظهبي ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿيڻ طرف وڌڻ لڳي،انگلينڊ ٽيم  چوٿين ڏينهن جي  ختم ٿيڻ تائين 564 رنسون ٺاهي ورتيون، انگريز ڪپتان اليسٽر ڪُڪ 263 رنسون ٺاهي نيٺ آئوٽ ٿي ويو، ابوظهي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن تي انگلينڊ 290 رنسون ۽ 3 وڪيٽن جي نقصان تان پنهنجي پهرين اننگ شروع ڪئي ۽ اليسٽر ڪُڪ پاڪستاني بالرن کي سڄو ڏينهن ڪُٽيندو رهيو، شام واري آخري وقفي کانپوءِ پاڪستان پاران ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ شعيب ملڪ مڙسي ڪندي  اليسٽر ڪُڪ کي آئوٽ ڪيو.ڪرڪيٽ ماهرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ٺهرايل پچ  پاڪستاني بالرن کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ بالر سولائي سان ڪٽڪو کائيندا رهن ٿا.انگلينڊ ٽيسٽ ميچ جي ڇوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تائين 564 رنسون ٺاهي ورتيون آهن،جڏهن ته اڃان سندس 2 وڪيٽون هٿ ۾ آهن.پاڪستان پاران شعيب ملڪ ۽ وهاب رياض، 2، 2 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا جڏهن ته راحت علي، ذوالفقار بابر ۽ عمران خان هڪ هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا،ٻئي پاسي ڪرڪيٽ ماهرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ٺاهيل پچ بيٽسمينن لاءِ سُٺي ثابط ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *