آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي پردو وجهڻ سان ڪرتوت لڪي نٿا سگهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام ماڻهن لاءِ پي ٽي آءِ جو حڪومتي دور ملڪي تاريخ جو سڀ کان بدترين دور آهي، عمران خان واحد حڪمران آهي، جيڪو مهانگائي جو خاتمو ڪرڻ بجاءِ مهانگائي جو نوٽيس وٺندو آهي،  آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي پردو وجهڻ سان عمران حڪومت جا ڪرتوت لڪي نٿا سگهن، عمران خان دعوائن، واعدن ۽ يوٽرن کانسواءِ هيل تائين ڪجهه ناهي ڪيو، جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته ڪورونا وبا تي نااهلي جو ملبو ٻين تي وجهڻ واري عمران خان جي ڪوشش کي ناڪام بڻائينداسين، ملڪ تاريخ جي بدترين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. عمران خان اپوزيشن تي الزام لڳائڻ ۾ مصروف آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *