آپريشن کانپوءِ دهشتگرد سنڌ جي هيٺين علائقن ۾بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن: خورشيد شاهه

جيڪب آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪب آباد سانحي تي کيس تمام گهڻو افسوس آهي، سنڌ سرڪار واقعي جي جاچ ڪرائي رهي آهي، آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري هو سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. سيد خورشيد شاهه جيڪب آباد پهچي سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ کين  سانحي جي مڪمل جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته آپريشن عضب هشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري هو سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ اهڙيون بزدلاڻيون ڪاررروايون ڪري رهيا آهن. سيد خورشيد شاهه چيو ته  جيڪب آباد سانحي کي کيس تمام گهڻو افسوس آهي، سنڌ سرڪار واقعي جي درست نموني جاچ ڪرائي رهي آهي. خورشيد شاهه چيو ته سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گُهوٽڪي سرحدي علائقا آهن، ان ڪري اتي پرڏيهي چر پر آهي، جتي انٽيليجنٽس کي ڪم ڪرڻ جي ضروت آهي، جنهن سان دهشتگردن خلاف آپريشن وڌيڪ ڪامياب ٿيندو. سيد خورشيد شاهه چيو ته ڀارتي مودي سرڪار پاڪستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نٿي چاهي، جنهن ڪري خوفيا ايجنسي “را“ جي ذريعي ملڪ ۾دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. سيد خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته عارف علوي جيڪب آباد سانحي تي سنڌ جي گهرو وزير لاءِ استعيفا ڏيڻ جو چيو، ڪي پي ڪي ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڪارروايون ٿيون، جيڪڏهن اتي جو گهرو وزير استعيفا ڏي ها ته سنڌ جو گهرو وزير به ضرور استعيفا ڏئي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *