آپريشن ضرب عضب کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ پاڪ-افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻو پوندو: راحيل شريف

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته افغانستان ۾ بدامني سبب پاڪستان ۾ سماجي ۽ معاشرتي اثر پئجي رهيا آهن، آپريشن ضرب عضب کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ پاڪ-افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻو پوندو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل  بيان  موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جرمني جي شهر ميونخ ۾ سائوٿ ايشيا سينٽرل سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ بدامني سان خطي تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ آرمي چيف افغانستان ۾ عدم استحڪام جي پاڪستان تي پوندڙن اثرن کان آگاهه ڪيو. آءِ ايس پيآر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن کي پاڪستان ۾ امن امان جي قيام لاءِ ڪوششن کان آگاهه ڪيو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پرامن افغانستان سان خطي جي سمورن ملڪن وچ ۾ رابطا وڌندا، جنهن لاءِ سمورين رڪاوٽن باوجود افغان مصالحتي عمل شروع ٿيڻ گهرجي. آرمي چف چيو ته مصالحتي عمل افغانستان ۾ ڊگهي مدي وارن مسئلن جو حل آهي، ڇوته افغانستان ۾ عدم استحڪام خطي کي متاثر ڪري رهيو آهي. جنرل راحيل شريف چيو ته افغانستان۾ بدامني سبب پاڪستان ۾ سماجي ۽ معاشرتي اثر پئجي رهيا آهن، آپريشن ضرب عضب کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ پاڪ-افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻو پوندو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام ايندو ته خطي جي ٻين ملڪن سان اقتصادي سهڪار ۾ اضافو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *