آپريشن ضرب عضب کانپوءِ عمران خان جو غضب شروع ٿيو:پرويز رشيد

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماع جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب کان پوءِ عمران خان جو غضب شروع ٿيو سومر تي پارليمينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جي سڌسماءَ بابت قائمه ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عمران خان کي عدالت اشتهاري قرار ڏنو آهي حڪومت نه عمران خان پنهنجي جماعت جي نالي جي ئي لڄ رکي ۽ هو ميڊيا بدران عدالت ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي ڇو ته اسان جي معاشري ۾ انصاف عدالتن مان ئي ملندو آهي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مان رستن تي انصاف جو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي عمران خان پاڻ کي دهشتگردي ڪلچر کان پري رکي هن چيو ته شيخ رشيد اهڙو جلسو ڪرڻ چاهي ٿو جتي عورتون نه هجن جيڪڏهن جلسي ۾ عورتون نه به هجن پر گهرن ۾ ته هونديون ئي آهن ڇا شيخ رشيد پنهنجو براهه راست خطاب به بند ڪرائيندو شيرين مزاري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي پرويز رشيد چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان صحافين کي پئسا ڏيڻ جو الزام هنيو اڄ شيرين مزاري چئي ڇڏيو ثبوت کان سواءِ الزام نه لڳڻ گهرجي ها وفاقي وزير اطلاعات تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري جي پريس ڪانفرنس جو جواب ڏيندي چيو ته ڪالهه عمران خان صحافين تي الزام مڙهيو ۽ اڄ شيرين مزاري چئي رهي آهي ته بغير ثبوت جي الزام نه لڳائڻ گهرجي پهريان پاڻ ۾ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ڇا چوڻو آهي پرويز رشيد چيو ته قادري جي اشارن تي هلندڙ قانون جي خوف کان ان سان تعلق ٽوڙي رهيا آهن عجيب ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *