آپريشن ضرب عضب سبب شهري علائقن تي هاڪاري اثر پيا: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي کي پاڙان پٽي اڇلائيندي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن َضرب عضب جاري رهندو، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سومر ڏينهن 4 ڪور لاهور جو دورو ڪيو ۽ گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪندي ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي روشني وڌي. آرمي چيف قبائيلي علائقن ۾ جاري آپريشن ضرب عضب، انٽيليجنس جي بنياد تي ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۽  شهري علائقن ۾ امن امان جي بهتر ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان سان شهري علائقن ۾ هاڪاري اثر پيا آهن،هن چيو ته انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي آپريشن سان ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحل ۾ بهتري آئي آهي،  آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ان موقعي تي پيشيور معاملن ۽ آپريشنل تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان کان اڳ لاهور ڪور هيڊڪوارٽر پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد زمان آرمي چيف جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *