آپريشن ضرب عضب دهشتگردن ۽ سندن مددگارن جي خاتمي تائين جاري رهندو: آرمي چيف

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردن ۽ شدت پسندن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ وارو مقصد ماڻڻ کانسواءِ ختم نه ڪئي ويندي. هن اهڙو اظهار جمعي ڏينهن اتر وزيرستان ايجنسي ۾ پاڪ افغان سرحد وٽ اڳين مورچن جي دوري دوران ڪيو. آرمي چيف کي ان موقعي تي آپريشن ضرب عضب جي ڪمانڊرن آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق فارميشن ڪمانڊرن آرمي چيف کي شال جي علائقي ۾ رهجي ويل ڪجهه دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهي ڏني. آرمي چيف ان موقعي تي شال جي علائقي ۾ آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري اٽڪل سمورين پهاڙي چوٽين کي دهشتگردن کان ڪليئر ڪندڙ فوجي جوانن سان ڳالهائيندي سندن ڪارڪردگي ۽ قربانين جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف چيو ته اها سندس لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته هو هڪ اهڙي فوج جي ڪمان ڪري رهيو آهي جيڪا هر قسم جي ڏکين حالتن کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي. آرمي چيف ملڪ جي شهري علائقن ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪندڙ فورسز جي واکاڻ ڪندي کين هدايت ڪئي ته دهشتگردن، سندن ساٿين، حامين، مالي مدد فراهم ڪندڙن ۽ سليپر سيلز کي ختم ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن فرق ۽ متڀيد جي ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن. هن چيو ته اسان پاڪستان کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ وارو حتمي مقصد ماڻڻ کانسواءِ ان آپريشن کي ختم نه ڪنداسين. آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان ايجنسي وانا جو پڻ دورو ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف کي آپريشن متاثرن جي بحالي واري جاري ڪمن جي باري ۾ آگاهي ڏني وئي. ان کان اڳ آرمي چيف جو علائقي ۾ پهچڻ تي ڪمانڊر پشاور ڪور ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان شاندار استقبال ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *