آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابيءَ ۾ هوائي فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابيءَ ۾ هوائي فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي، حڪومت هٿياربند فوج جي صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پر عزم آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ايئر چيف پاران وزيراعظم کي هوائي فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ آپريشن ضرب عضب تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب ملڪ جو سڀ کان وڏو آپريشن آهي، ان جي ڪاميابي ۾ هوائي فوج جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت هوائي فوج سميت ٽنهي هٿياربند فوج جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ پر عزم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *