آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو: صدر/وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) صدر ۽ وزيراعظم ڪراچي ۽ فاٽا سميت ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب جاري آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قومي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ آپريشن ضرب عضب، ڪراچي ۽ فاٽا سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال توڙي زلزلي متاثرن جي بحالي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب، صدر ممنون ۽ وزيراعظم نواز شريف، ڪراچي ۽ فاٽا سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته دهشتگردي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي ۽ ايندڙ نسلن کي پر امن پاڪستان ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *