آپريشن ضرب عذب: تازين ڪاررواين ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي/ شوال (م.ڊ) اتروزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري، سيڪيورٽي فورسز جي شوال ۾ جيٽ جهازن سان بمباري جي نتيجي ۾ غير ملڪين سميت 15 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ۵ ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا. پاڪ فوجي سڌسماءَ جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب پنهنجي پلان موجب جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ دهشتگردن جي ۵ ٺڪاڻن تي گذريل رات جيٽ جهازن سان بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ۵ ٺڪاڻا مڪمل طور تي تباهه ۽ 15 دهشتگرد مارجي ويا جن ۾ پرڏيهي دهشتگرد به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *