آپريشن خيبر ون، اهم ڪمانڊرن سميت 37 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرڪاري ميڊيا موجب خيبرايجنسي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب خيبرون ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. سيڪيورٽي فورسز موجب باڙا ۾ تيرا جي علائي ڪاخيل ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ 37 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته اهم ڪمانڊر سميت 50 ويڙهاڪن سيڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن ماڻهن کي علي مسجد ۽ اورڪزئي کان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي سيڪيورٽي فورسز تيرا جي ڀرسان روڪزئي ۾ داخلا مرڪز قائم ڪيو آهي. علي مسجد جي رستي 365 کان وڌيڪ خاندانن لڏ پلاڻ ڪئي آهي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي چيو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪري حڪومت جي عملداري تسليم ڪن. سيڪيورٽي فورسز قبائلي عوام کي انهن دهشتگردن کان نجات ڏيارڻ چاهي ٿي جيڪي قبائلي عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *