آپريشن جي خاتمي تائين فوج جي واپسي ناممڪن قرار، ڪراچي آپريشن تيزي سان جاري رکڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ذڪر جوڳو سڌارو آڻڻ ۽ پرامن مڪاني اليڪشن جي اهتمام تي آرمي، رينجرز، انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻن ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي آرمي

چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور هيڊڪوارٽرز ڪراچي ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي رينجرز شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جاري آپريشن ذريعي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ ذڪر جوڳو سڌارو آڻڻ تي پاڪ فوج رينجرز انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آرمي چيف ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي پرامن اهتمام تي به ڄاڻايل ادارن جي تعريف ڪئي. آمرمي چيف جنرل راحيل شريف اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندو ۽ آپريشن مڪمل ڪرڻ کانسواءِ هتان واپسي ممڪن ناهي، هڪ نجي ٽي وي مطابق ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي ڪري امن و امان جي صورتحال ۾ واضح نموني بهتري ٿي آهي ۽ امن و امان جي صورتحال ۾ بهتري قربانين جو نتيجو آهي، ان لاءِ ڪراچي جي امن و امان کي ٻيهر خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪراچي آپريشن مڪمل طور غير سياسي آهي، آپريشن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جو وڌيڪ تعاون جي ضرورت آهي، ڪراچي دهشتگردن ۽ انهن جي حمايتن خلاف آهي هتان هاڻي واپسي ممڪن ناهي، آرمي چيف اجلاس ۾ ڪراچي پوليس کي جديد هٿيار ڏيڻ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته پوليس کي آپريشن جي لاءِ جديد هٿيار ڏيڻ گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *