آپريشن جو دائرو پوري سنڌ تائين وڌائڻ، وڌيڪ 30 عدالت ٺاهڻ ۽ 8 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگرد ٽوڙ عدالتن کي وڌائي 30 ٻيون عدالتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي، جڏهن ته ڪراچي آپريشن ۾ به وڌيڪ تيزي آڻيندي، ان جو دائرو به وڌايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو،جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، صوبائي وزير، ڪراچي ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرز، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ گهرو ايڊيشنل سڪريٽري سوڌو حساس ادارن جي اختيارين به شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪ فوج، رينجرز جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس جي دوران ڊي جي رينجرز، آئي جي سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري نيشنل ايڪشن پلان ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. سنڌ حڪومت  اجلاس ۾ شامل اعليٰ اختيارين کي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل بابت ڄاڻ ڏني وئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جو فرض آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪيون. سنڌ حڪومت ملٽري پوليس جي گاڏي تي حملي ۽ ٻن اهلڪارن جي شهادت کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن جو تسلسل قرار ڏيندي ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ، اجلاس ۾ تازن ڏينهن ۾ رينجرز ، پوليس ۽ فوج جي اهلڪارن تي حملن ۽اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ وارن واقعن جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون وڌايون وينديون، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻي پوليس، رينجرز ۽ فوج هجا اهلڪار جيڪڏهن شهر ۾ ويندا ته اهي احتياط ڪندا، انهن جي گاڏين جي پويان موٽر سائيڪل سوار ڪمانڊو به موجود رهندا، ٻه يا 3 اهلڪار ڪنهن گاڏي ۾ شهر جي مصروف علائقي ۾ وڃڻ بدران ٻن گاڏين ۾ ويندا. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي  سڌ سماءَ واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ دهشتگرد ٽوڙ عدالتون وڌيڪ30 ٻيون به ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،جنهن لاءِ 200 پراسيڪيوٽرز کي به قانون مطابق ڀرتي ڪيو ويندو، پراسيڪيوٽرز جي نوڪرين ۽ گواهن کي تحفظ ڏنو ويندو، جڏهن ته امن امان جي صورتحال  کي اڃان وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس ۾ وڌيڪ 8 هزار ڀرتين جو فيصلو  ٿيو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار چيو ته حضرت امام حسين رضه  جي چاليهي ۽ مڪاني چونڊن جي موقعي تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويندا. مولا بخش چانڊيو چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪرڻو ئي سڀ ڪجهه ناهي پر ان تي عمل به ضروري آهي، هر اجلاس ۾ گذريل فيصلن تي عمل بابت جائزو ورتو ويندو، ڇو ته جڏهن سڀني فيصلن تي عمل ٿيندو ،تڏهن ئي اسان سک جو ساهه کڻنداسين.سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ ڪراچي ڪور ڪمانڊر ڪنهن به بي يقيني جو اظهار نه ڪيو، سڀئي ادارا هڪ راءِ آهن ۽ ڪنهن ۾ به ڪو اختلاف ناهي، جڏهن ته جيڪي ڳالهيون بد امني جو سبب بڻجي رهيون آهن انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ سنڌ پوليس جا مسئلا به حل ڪيا وڃن. سڌ سماءَ واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته ملٽري پوليس حملي ڪيس جي ڏوهارين جي گرفتاري ۾ گهڻو وقت نه لڳندو، ڏوهاري ترت پنهنجي پڄاڻي واري انجام تي پهچايا ويندا،هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب همٿ ڪمزور نه ٿيندي پر اسان جي همٿ ويتر وڌي ٿي،هن آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي، جيڪي دهشتگرد ڪراچي کان ڀڄي سنڌ جي ٻهراڙين ڏانهن ويا آهن،انهن کي نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته دهشتگرد جتي به ويندا،ادارا انهن جي پويان وڃي کين ڳولي لهندا،مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ اليڪشن ڪم يشن جي سفارشن تي عمل ٿيندو ۽ مڪاني چونڊون امن امان سان ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *