
ڄامشورو/ سيوهڻ (رپورٽر) آمري ڀرسان مسافر وين ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو.
فوتين ۾ حيدرآباد واسي اعجاز سولنگي، سندس 6 ورهين جو پٽ رحيم، هڪ عورت بختاور، سندس معصوم ڌي 7 ورهين نينگري رشيده، جوهي واسي امين لغاري ۽ هڪ اڻڄاتل شخص شامل آهن. حادثي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ سيوهڻ ڊگري ڪاليج جو ليڪچرار، ڊراما رائيٽر ۽ اديب سن واسي محمد ايوب عمراڻي به شامل آهي، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، حادثي جي زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.