
واشنگٽن (شوبز نيوز) ناليواري آمريڪي ڳائڻي ماريا ڪيري ۽ آسٽريلوي بزنس مين جيمز پيڪر جا رستا ڌار ٿي ويا آهن. رپورٽن موجب آسٽريلوي بزنس مين جيمز پيڪر پنهنجي مڱيندي ۽ ڳائڻي ماريا ڪيري سان عليحدگي اختيار ڪندي مڱڻي ٽوڙي ڇڏي آهي. ٻنهي وچ ۾ جهيڙي جو سبب ماريا جو وڌيڪ خرچ ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته اهو پڻ ٻڌايو پيو وڃي ته ماريا ڪيري هڪ ريئلٽي شو ۾ جيمز پيڪر سان پنهنجي لاڳاپن تان پردو کڻڻ پئي چاهيو.