
نيو يارڪ (شوبز نيوز) جنسي ڏوهن جي الزام ۾ قيد امريڪي ڳائڻي، موسيقار، ميوزڪ پروڊيوسر ۽ ريپر رابرٽ سولويسٽر ڪيلي تي امريڪي عدالت نابالغ ڇوڪرين سان جسم فروشي جا لاڳاپا رکڻ سميت ٻيا 2 وڌيڪ الزام لڳايا ويا آهن. آر ڪيلي کي گذريل مهيني 12 جولاءِ تي جنسي ڏوهن جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڇوڪرين ۽ ننڍي عمر جي نارين سان ريپ، کين جنسي حراسان ڪرڻ ۽ لاڳاپا رکڻ جا الزام آهن.